رابندر ناٿ ٽئگور

رابندر ناٿ ٽئگور (ڪتاب): هيءُ مختصر ڪتاب روي بابوءَ جو لکيل آهي. هن ڪرائون سائيز ڪتاب ۾ 13 صفحا آهن ۽ هن جي قيمت هڪ آنو آهي. آوتراءِ گلراجاڻيءَ، ڀارتواسي پريس حيدرآباد مان سال 1905ع ۾ ڇپايو. رابندرناٿ ٽئگور آرٽ اسڪول: ڪراچيءَ جي اڳوڻي مشهور ’رام باغ‘ ۽ هاڻي آرام باغ روڊ تي آرام باغ مسجد جي بلڪل سامهون، ڳاڙهن پٿرن سان جڙيل رابندرناٿ ٽئگور آرٽ اسڪول جي عمارت واقع آهي. هي اسڪول وِشوَ ڀارتيه يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل هو. ان اسڪول جي ترقيءَ لاءِ ٽئگور چندي گڏ ڪرڻ لاءِ مختلف ملڪن جو دورو ڪيو هو. جتي هن ناٽڪ منڊلين ۽ روڊ رستن تي ناٽڪن ۽ گيتن وسيلي پئسا گڏ ڪري هي اسڪول قائم ڪيو.


لفظ رابندر ناٿ ٽئگورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو